بخشاپور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، هندو ناري زخمي، حالت نازڪ

0
454

بخشاپور: بخشاپور ۾ هٿياربندن هٿان زخمي ٿيل هندو ناري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ، پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

گذريل رات هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 20ورهين جي سليکا ڌيءُ واشو رام سخت زخمي ٿي هئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

وارثن موجب زخمي ناري اسپتال جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، رحيم يار خان ۾ ان جو علاج جاري آهي،

ناري سليکا ۽ سندس گهرڀاتي ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور وڃي رهيا هئا ته ڦورن گاڏي نه روڪڻ تي فائرنگ ڪئي

گوليون لڳڻ سبب ناري سليکا زخمي  ٿي پئي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن جو علاج جاري آهي

هي به پڙهندا

ڪيس جي پوئيواري ڪرڻ تي حملو ڪيوويو، حياتي کي خطرو آهي: پروين رند