سيول انٽريسٽنگ نيوز) ڏکڻ ڪوريا ۾ بجلي ٺاهيندڙ باٿ روم تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي استعمال ڪرڻ سان ڪرپٽو ڪرنسي به ملندي. اهو باٿ روم هڪ شهري تيار ڪيو آهي جنهن جو نالو پروفيسر چو جائي ويون آهي. ان کي بي وي جو نالو ڏنو ويو آهي. اهو باٿ روم اهڙي ٽانڪي سان ڳنڍيل آهي جيڪا انساني گند ڪچري مان بجلي ٺاهيندي آهي. پروفيسر جو چوڻ آهي ته هڪ انسان روز 500 گرام گند خارج ڪندو آهي جنهن مان 50 ليٽر ميٿين گيس ٺاهي سگهجي ٿي. ان گيس مان 0.5 ڪلوواٽ بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي، جنهن سان هڪ بجلي تي هلندڙ ڪار 1.2 ڪلوميٽر هلائي سگهجي ٿي.