ماسڪو( انٽريسٽنگ نيوز) روس جي هڪ شهري کي ساڍا 3 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي سندس ڏوهه اهو آهي ته هو ٻن سالن کان گوڙ ڪري ۽ گهوڙي کي هڻڪارون ڪرائي پاڙيسرين کي پريشان ڪري رهيو هو. يوري ڪوندراتيف نالي شخص نزني نوفگورود جو رهواسي آهي جنهن جا پاڙيسري ٻن سلان کان مقامي ٿاڻي تي شڪايت ڪري رهيا هئا. جوابدار جو چوڻ هو ته پاڙيسرين جا بار گذريل ٻن سالن کان گوڙ ڪري پريشان ڪندا هئا ان جو پلاند ڪرڻ لاءِ مون اهو رستو اختيار ڪيو. هو بيروزگار آهي ۽ سرڪاري الائونس تي گذارو ڪندو آهي.