باجوا جي اين آر او ٽـُو ۾ سمورا ڪرپٽ ڌوپجي پاڪ ٿي رهيا آهن: عمران خان

0
169
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان

اڳوڻي وزير اعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته رٽائرڊ جنرل باجوا جي اين آر او ٽـُو ۾ سمورا ڪرپٽ ڌوپجي پاڪ ٿي رهيا آهن، واري واري سان سڀني جا ڪيس ختم ڪيا پيا وڃن
پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنجاب جي مختلف ڪاليجز جي شاگردن کي وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي چيو ته جنرل باجوه ڪرپٽ ماڻهن کي اين آر او ٽو ڏئِي ملڪ سان ظلم ڪيو
هن چيو ته هڪ سازش تحت اسان تي چورن جو ٽولو مڙهيو ويو، اهڙي حڪومت کي ڪيرايو ويو، جنهن تي ڪرپشن جو ڪيس به نه هو، ناانصافي خلاف اسان سڀني کي آواز اُٿارڻو پوندو
عمران خان چيو ته الله توهان کي نيوٽرل رهڻ جو آپشن نه ڏنو آهي، چُپ ڪري گهر ويهڻ جي اجازت به ناهي ڏني، عمران خان جي خطاب دوران ڪجهه شاگرد هال مان نڪري ويا

هن کي به پڙهندا

عمران خان طرفان اسيمبليز ٽوڙڻ بابت قانوني مشاورت مڪمل

عمران خان اسيمبليون ٽوڙڻ جون ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪرڻ چاهي ٿو: شرجيل ميمڻ