اڪري چودڳي (ن پ ا)  اڪري چودڳي ڀرسان ڳوٺ غازي خان قمبراڻيءَ ۾ 9 سالن کان جهيڙيندڙ ڌرين  ۾ ٺاھ لاءِ منٿ ميڙ قافلو پهچي ويو. علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مختلف برادرين جي نيڪ مردن ڪريمداد جلالاڻي، امتياز اعواڻ، غلام علي حاجاڻو، خيرمحمد عامر، غلام فريد هاليپوٽو، محمد اقبال موروجو، اعجاز خاصخيلي، منظور سنڌي ۽ معصوم نينگري نرجس بتول عامر تي ٻڌيل منٿ ميڙ قافلي ڌرين کي هٿ جوڙي ٺاھ ڪرڻ منٿون ڪيون. قمبراڻي برادري جي ٻنهي ڌرين منٿ ميڙ قافلي کي مان ڏيندي عيد الفطر بعد ايم اين اي فضل علي شاھ جيلانيءَ جي سرپئنچيءَ ۾ فيصلي تي راضپو ظاهر ڪيو. ان موقعي تي منٿ ميڙ قافلي جي معززن ڌرين کي پابند ڪيو ته اهي فيصلي تائين ڪابه اڳرائي نه ڪندا. ڌرين پاران اهڙي خاطري ڪرائڻ بعد دعا خير پڻ گهري ويئي. واضح رهي ته جهيڙيندڙ ڌرين ۾ گذريل 9 سالن کان 4 ايڪڙ زرعي زمين جي مالڪي تان تڪرار هلندڙ آهي. علائقي جي معززن پاران منٿ ميڙ قافلو وٺي ڌرين کي فيصلي لاء راضي ڪرڻ بعد علائقي ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي.