حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد رينج  جي 189 سينيئر هيڊ ڪانسٽيبلز کي اي ايس آءِ طور ترقي ڏني وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي جو هڪ اجلاس ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج پير محمد شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ايس ايس پي حيدرآباد ساجد امير سدوزئي، ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق احمد بجاراڻي، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عبدالله ميمڻ ۽ ايس ايس پي مٽياري ڪليم الله شرڪت ڪئي. ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي آڏو 211 هيڊ ڪانسٽيبل جي ترقين جا ڪيس رکيا ويا جن مان 189 هيڊ ڪانسٽيبل کي اي ايس آءِ جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. 22 هيڊ ڪانسٽيبلز جون ترقيون مختلف سببن جي ڪري روڪيون ويون.