اٽلي يورو ڪپ جو چيمپئن بڻجي ويو: هزارين ماڻهن جو جشن

0
353

لنڊن(اسپورٽس نيوز) ورلڊ ڪپ 2018ع لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهندڙ اٽلي جي ٽيم انگلينڊ کي شڪست ڏئي يورو ڪپ جي چيمپئن بڻجي وئي. اٽلي ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ويمبلي اسٽيڊيم ۾ دلچسپ مقابلي بعد پنالٽي شوٽس تي ميچ جو فيصلو ٿيو، جنهن بعد اٽلي ٻيون ڀيرو يورو ڪپ جو ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪيو. انگلينڊ سيمي فائنل ۾ اضافي وقت دوران ڊينمارڪ کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گولز تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ جارحاڻو مقابلو ٿيو، 90 منٽن ۾ هڪ هڪ گول ڪري ميچ برابر ڪئي وئي، اضافي وقت ۾ ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي ته پوءِ معاملو پنالٽي شوٽس تي پهتو. پنالٽي شوٽس ۾ اٽلي انگلينڊ کي 2-3 تان شڪست ڏئي فٽبال جي يورپي چيمپئن بڻجي وئي. ڪاميابي کانپوءِ تقريب دروان اٽلي جي ليونارڊو بونيوچي چيو ته هي روم اچي رهيو آهي، اصل ۾ ا انگلينڊ جي ٽيم جي تراني جي مشهور گيت يه گهر آ رها هي جو مذاق اڏايو. ڪاميابي جو جشن ملهائڻ لاءِ اٽلي جو عوام روڊن تي نڪري آيو.