اي منهنجي نئين نسل جا نوجوان

0
837
جمهوريت عوام کي غلام بڻائڻ جو هٿيار بڻجي وئي

اي منهنجي نئين نسل جا، ٽيڪنالاجي جي زيور سان آراستا، نوجوان! تنهنجي هٿن جي آڱرين جي ڇهاءَ سان جيتري دنيا تنهنجي ٽچ اسڪرين فون ۽ ليپ ٽاپ تي تيزي سان ڪا ڄاڻ مهيا ڪري رهي آهي، اوترو ئي تنهنجي زندگي ڪائنات جي رازن کان ۽ سماجي سرشتي کان اڻ واقف ٿيندي پئي وڃي. سافٽ ٽيڪنالاجي جي طاقت سان تون جيترو سموري دنيا سان ڳنڍجي ويو آهين اوترو ئي تون پنهنجي وجود کان ۽ آس پاس جي رونما ٿيندڙ حسين منظرن کان ڪٽبو پيو وڃين. جيتري تنهنجي ڊجيٽل گيجٽ جي ميمري وڌندي پئي وڃي اوتري تنهنجي ملين نيورانس واري دماغ جي ميمري خالي ٿيندي پئي وڃي. جيترو انسان جي تخليق ڪيل آرٽيفيشل انٽيليجنس جي وسيلي مائڪرو اليڪٽرانڪ مشين سڀ ڪجهه ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪندي پئي وڃي اوترو ئي تنهنجي صلاحيتن ۾ تيزي سان گهٽتائي ايندي پئي وڃي. تنهنجي سستي ڪاهلي ۽ سافٽ ٽيڪنالاجي جهڙي سافٽ طبيعت توکان تنهنجي اهليت قابليت ۽ مقابلي جي سگهه کسيندي پئي وڃي. توکي دنيا جي رازن کي پنهنجي صلاحيتن سان کوجنا ڪري جيڪا نئين ڄاڻ حاصل ڪرڻي آهي انهي کان تون ڪوهين ڏور ٿيندو پيو وڃين. تنهنجي انهي روش جي ڪري ايندڙ وقت ۾ جيڪي توکي مشڪلاتون پيش اينديون انهن سان ڪيئن منهن مقابل ٿيندين؟ ڇا تو ڪڏهن اهو ڄاتو آ ته تنهنجي انهي سستي، نااهلي ۽ آسائشن واري زندگي هڪ نه هڪ ڏينهن تنهنجي ۽ تنهنجي قومي وجود کي ميساري ڇڏيندي؟! هي جن قومن جي فردن اهي ايجادون ڪيون آهن انهن جي نسلن پنهنجي سخت محنت ۽ لگن سان تجربيگاهن ۾ ويهي سائنسي سوچ سان نه رڳو پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي معاشي توڙي سماجي خوشحالي آڻڻ ۾ مدد ڪئي آهي، پر انهن سموري عالم انسانيت لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي. انهن جي مقابلي ڪرڻ کان ته تون ڪوهين ڏور آهين، پر ڇا تو ڪڏهن اهو سوچيو به آهي ته انهن سان تون مقابلو ڪيئن ڪري سگهندين؟

تون انهن ترقي جي عروج تي پهتل ملڪن جي نوجوانن سان مقابلي لاءِ پاڻ کي ڀلي تيار نه ڪر ۽ سوين غير ضروري عذر معذرتون ڏئي پاڻ کي انهي فطري ذميواري کان پيو آجو ڪراءِ، پر ڇا تو ڪڏهن پنهنجي آس پاس ۾ ئي اهڙن ڪردارن تي نظر وڌي آهي جيڪي ڪنهن به وسيلي ۽ سهاري نه هئڻ جي باوجود پنهنجي صلاحيتن کي سموري دنيا ۾ مڃرائي چڪا آهن؟ تنهنجي ئي پاڙي ۾ تنهنجي ڳوٺ ۾ تنهنجي شهر ۾ عين ممڪن آهي ته تنهنجي ئي گهر ۾ ڪو اهڙو ڪردار اڄ يا ماضي ۾ موجود هجي جنهن تي تنهنجي ڪڏهن نظر ئي ڪونه پئي هجي؟! تنهنجي نظر انهي تي پوندي به ڇو؟ تنهنجي دنيا ته جديد گيجٽ جي سوشل ميڊيا سان جڙيل آهي توکي ڪهڙي خبر ته تنهنجي آس پاس ڪو مثالي ڪردار به موجود آهي جنهن کي تون پنهنجوآئيڊيل ٺاهين! آئيڊيل رڳو وڏن بنگلن، وڏين گاڏين، وڏن عهدن ۽ وڏي بئنڪ بئلنس وارا ڪونه ٿيندا آهن، پر آئيڊيل ته اهي مثالي ڪردار هوندا آهن جن سماج جي اندر ڪا تبديلي آندي هجي ڪو اهڙو عمل ڪيو هجي جنهن سان روايتي ريتن جا، رستن جا ۽ هوائن جا رخ مڙي ويا هجن! تون گهڻي ڪا وڏي تبديلي آڻڻ جو ڪارج نه بڻج، پر جيڪي ڪجهه فطرت جي اصولن ۾ سمايل آهي انهي سان ته پاڻ کي سلهاڙ. هي هاري ناري ڪمي ڪاسبي پنهنجي محنت جي پگهر سان ڪا ڪرت ڪري ڪائنات جي حسن ۾ جيڪو واڌارو ڪن ٿا انهن جو وجود فطرت جي اصولن سان سلهاڙيل آهي. انهن جي روز جي زندگي جو جيڪو اصول آهي انهي سان ته ڀلا پنهنجو پاڻ کي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪر!

اهو ڪائنات جو فطري اصول آهي ته جنهن وقت پکي پَر ساهي پنهنجي آکيري مان نڪرندا آهن انهي وقت کان ڌرتي جي انهي حصي تي زندگي جي ڏينهن جي شروعات ٿي ويندي آهي ۽ جنهن گهڙي اهي پکي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وري آکيري جي اندر داخل ٿيندا آهن ته اتي انهي ڏينهن جي پڄاڻي ٿي ويندي آهي. ڪائنات جي فطري اصولن منجهان اهو هڪ اهڙو اصول آهي جنهن کي اڄ تائين جنهن به اپنايو آهي اهو هن ڌرتي جي گولي تي ڪارگر جيو ثابت ٿيو آهي. مون پنهنجي زندگي ۾ دنيا جا جيڪي به خوشحال ملڪ ڏٺا آهن انهن ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن جو سڀ کان متاثر ڪندڙ عمل سوير اٿڻ ۽ سوير سمهڻ سان گڏوگڏ مارڪيٽن جو هڪ مقرر وقت تي کلڻ ۽ بند ٿيڻ آهي. جنهن ملڪ ۽ قوم جي فرد توڙي رياست ۾ انهي اصول تي عمل ڪونه ٿو ڪيو وڃي اها قوم اجتماعي طور ۽ فرد انفرادي طور ڪا به ترقي ماڻي ڪونه ٿو سگهي. يقين ڄاڻو انسان جڏهن به ڪائنات جي فطري اصولن ۽ ضابطن جي نفي ڪئي آهي تڏهن تڏهن هنن ڌرتي تي تباهي پئي ڪئي آهي. انهن ضابطن ۽ اصولن ۾ هڪ اصول محنت ۽ جستجو به آهي آسائش جي زندگي گذارڻ لاءِ پڻ محنت درڪار هجي ٿي. بنا محنت جي آسائش عياشي مثل آهي ۽ عياشي ڪنهن جي لاءِ به صرف تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

اي نوجوان پنهنجي زندگي کي ڪارگر بنائڻ لاءِ پهرين ته پنهنجو پاڻ کي انهي جي قابل بڻاءِ جو تنهنجي پنهنجي ڪا شناخت پيدا ٿئي. تنهنجي اهليت قابليت صرف ۽ صرف جستجو جي رستي سان، محنت سان ۽ مشقت سان حاصل ٿيڻي آهي تون پنهنجو پاڻ کي مقابلي کان ٻاهر رکڻ جو عادي ڇو ٿو بڻائين؟ تو ۾ اهڙي ڪردار بنجڻ جي خواهش پيدا ڇو نه ٿي ٿئي جنهن سان تون هيرو بڻجي وڃين؟ توکي ته اهو يقين هجڻ گهرجي ته جواني جي جنهن جوهر سان تون آراستا آهين انهي طاقت جي ٻل تي تون پهاڙ به پرزا ڪري سگهين ٿو. تون پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن به ننڍڙي کان ننڍڙي چئلينج کان ڀڄين ڇو ٿو؟ توکي تنهنجي خالق اهڙي قوت عطا ڪئي آهي جنهن سان تون ناممڪن کي ممڪن بڻائي سگهين ٿو، پر شايد تو کي پنهنجو پاڻ تي يقين ڪونهي يا تو ۾ اها تمنا ۽ آرزو يا خواهش ئي ڪونهي جو ڪجهه ڪرڻ لاءِ مقابلي جي ميدان ۾ لهي پوين! مان سمجهي سگهان ٿو ته توکي ڪو اهڙو جوهري نه مليو آهي جيڪو تنهنجي املهه قيمت توکي ٻڌائي سگهي ۽ اهو ٻڌائي ته تون ڪهڙو نه پارس پٿر آهين جيڪو جنهن شيءَ کي لڳي ته انهي کي سون جو ڪري سگهي ٿو. افسوس جو تو هميشه پنهنجو پاڻ کي رستي جو پٿر پئي سمجهيو آهي، جنهن کي هر ڪنهن پئي ٺوڪر هنئي آهي جنهنجي ڪري تون پنهنجي حيثيت کي سمجهي ناهين سگهيو. افسوس جو تو کي تنهنجي اڏام جي طاقت جو ڪنهن ڏس ئي ڪونه ڏنو آهي جو تون آسمانن جي بلندي ماپي سگهڻ لاءِ اوچي پرواز جي تياري ڪري نڪري پوين!

پر اي منهنجي نئين نسل جا نوجوان تون يقين ڪر جنهن ڏينهن تو سستي جو ۽ ڪاهلي جو رستو ڇڏي محنت جو مقابلي جو ۽ جستجو جو رستو اختيار ڪيو ته ڪائنات جي ڪا به طاقت تنهنجا رستا ڪونه روڪي سگهندي. تون جيڪي ڪجهه چاهيندين اهو تنهنجي قدمن ۾ هوندو، پر پهرين تون رڳو پنهنجو پاڻ کي ڪائنات جي فطري اصولن سان ڳنڍڻ شروع ڪر. صبح جو سوير اٿي پنهنجي زندگي جي شروعات ڪر ۽ پنهنجي سموري ڏينهن جي رٿا ڪرڻ شروع ڪري ڏي ته اڄ جي ڏينهن ۾ توکي ڇا ڇا ڪرڻو آهي. پنهنجو پاڻ کان پنهنجي باري ۾ پڇا ڪر ته تون اڄ ڇا ٿو ڪرڻ چاهين. جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ جي خواهش رکين ٿو انهي جي اهل ۽ قابل بنائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي تيار ڪر. سموري ڏينهن جي ڪيل رٿا مان جڏهن شام جو فارغ ٿئين ته پنهنجي روز جو وچور ڪر، پوتا ميل ۾ ڏس ته تو ڇا حاصل ڪيو ۽ تو ڇا وڃايو! جيڪڏهن توکي لڳي ته تنهنجو ڏينهن تنهنجي ڪيل رٿا جي حساب سان گذريو ۽ انهي ۾ تو ڪجهه حاصل ڪيو ته يقين ڄاڻ تنهنجو هر ايندڙ ڏينهن سڦل ۽ لاڀائتو هوندو، پر جي تنهنجي پنهنجي ڪيل رٿا جي باوجود سمورو ڏينهن سوشل ميڊيا جي پولارن ۾ گذاري شام جو پنهنجي لاحاصل هجڻ تي پشيمان ٿئين ته پوءِ يقين ڄاڻ تنهنجو ۽ تنهنجي قوم جو ڪو به بهتر مستقبل ڪونهي.