ايشيا ڪپ: ڀارت جو ٽاس کٽي پاڪستان خلاف بيٽنگ جو فيصلو

0
203
ايشيا ڪپ: ڀارت جو ٽاس کٽي پاڪستان خلاف بيٽنگ جو فيصلو
ايشيا ڪپ: ڀارت جو ٽاس کٽي پاڪستان خلاف بيٽنگ جو فيصلو

ايشيا ڪپ ون ڊي جي سڀ کان وڏي ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي پاڪستان خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي

پاليڪلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي ميزبان ٽيم پاڪستان کي فيلڊنگ جي دعوت ڏني

ٽاس جي موقعي تي ڪپتان بابر اعظم چيو ته جيڪڏهن ٽاس کٽي ها ته بيٽنگ به ڪريون ها، ايونٽ ۾ ٽاپ ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن

روهت شرما چيو ته هو سٺي اسڪور ڪري پاڪستان تي دٻاءُ وڌائيندو، ڀارتي ٽيم ۾ ٽي فاسٽ بالر ۽ ٽي اسپنر شامل آهن

ڀارت خلاف پاڪستاني ٽيم

ان وڏي ميچ جي لاءِ پاڪستاني پلينگ اليون جو اعلان گذريل رات ڪيو ويو، جنهن موجب ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي، ڪپتان بابر اعظم ۽ نائب ڪپتان شاداب خان کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي

ان کان علاوه فخر زمان، امام الحق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، محمد رضوان، محمد نواز، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف ٽيم جو حصو آهن

هندستاني ٽيم

ڀارت جي پليئنگ اليون ۾ ڪپتان روهت شرما، شبمن گل، ويرات ڪوهلي، ايشان ڪشن، شرياس آئر، هاردڪ پانڊيا، رويندرا جڊيجا، شاردل ٿڪر، جسپريت بمرا، محمد سراج ۽ ڪلديپ ياديو شامل آهن

واضح رهي ته ڪينڊي ۾ ميچ کان اڳ برسات پئي هئي، جيڪا هاڻي بند ٿي وئي آهي ۽ خبرون اچي رهيون آهن ته ميچ دوران برسات جو ڪو به امڪان ناهي