ايشوريه راءِ ٻاهرين ملڪ ۾ دولت لڪائڻ تي طلب

0
295
ايشوريه راءِ جو گهيرو تنگ

ڪراچي: اڳوڻي مس ورلڊ اداڪاره ايشوريا راءِ کي انفورسمينٽ ڊائريڪٽوريٽ (اي ڊي) پاناما ڪيس ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ طلب ڪري ورتو

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پاناما پيپرز ڪيس جي جاچ ڪندڙ اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم (ايس آءِ ٽي) ايشوريا راءِ بچن کي اڄ اي ڊي جي دهلي آفيس ۾ اچي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ چيو آهي، پر اداڪارا ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي

ان کان اڳ اداڪاره کي 9 نومبر 2021 تي به نوٽيس موڪليو ويو هو، جنهن موجب کيس 15 ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻو هو، جڏهن ته ايشوريا ٻه ڀيرا جواب جمع ڪرائڻ لاءِ اضافي وقت گهريو هو

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايشوريا راءِ تي مني لانڊرنگ روڪڻ واري ايڪٽ 2002 (PMLA) تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

واضح رهي ته پاناما پيپرز ڪيس ۾ ايشوريا راءِ سميت اداڪار اميتاڀ بچن ۽ اجي ديوگن جا نالا به سامهون آيا هئا