لاهور/ڪراچي (م ڊ + اسٽاف رپورٽر) ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي لاهور ۽ ڪراچي آمد، سنڌ ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن، گورنرن ۽ واپارين سان ملاقاتون، سنڌ ۽ پنجاب جي قيادت پاران ايران کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي، ايراني صدر پاران سهڪار وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو، تفصيل موجب ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ ڪنهن ملڪ جي سربراهه ڪراچي جو پهريون دورو ڪيو، ايراني صدر ابراهيم رئيسي ڪراچي پهتو، گورنر ڪامران ٽسوري، وزيراعليٰ سنڌ  مراد علي شاهه، صدر آصف زرداري جي ڌيءُ آصفه ڀٽو، سنڌ جي وزيرن شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني ۽ ٻين آجيان ڪئي، ايراني صدر مزار قائد تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي، وزيراعليٰ هائوس ۾ ايراني صدر وزيراعليٰ سنڌ ۽ گورنر سنڌ سان تفصيلي ملاقات ڪئي، ايراني صدر بزنس فورم سان به ملاقات ڪئي. سنڌ سرڪار پاران ايران جي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني وئي، صدر رئيسي جي مان ۾ تقريب به رکي وئي، وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا صدين تي ٻڌل آهن، خطي جي ترقي جو سفر سنڌ جي سرزمين کان شروع ٿيندو. وزيراعليٰ هائوس ۾ ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي مان ۾ ڏنل ڊنر کي خطاب ڪندي هن چيو ته منهنجي لاءِ اها فخر ۽ اعزاز جي ڳالهه آهي ته آئون برادر ملڪ جي صدر کي ڀليڪار ڪري رهيو آهيان، جيڪو پاڪستان جو بھترين دوست، ھمدرد ۽ محسن آھي. آئون کيس سنڌ جي عوام طرفان ڀليڪار چوان ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا صدين تي ٻڌل آهن، اسان جي وچ ۾ مذهبي، علمي، ثقافتي ۽ معاشي لاڳاپا قائم آهن، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ گهاٽا ٿيندا پيا وڃن. هن چيو ته اسان دهشتگردي، غير قانوني واپار، ماحولياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن، فلسطين ۽ ڪشمير ۾ وڌندڙ ظلمن سميت مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون.  مسلمانن کي هن مشڪل وقت ۾ متحد ٿي پنهنجن فلسطيني ڀائرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان جو اصولي موقف آهي ته غزه ۾ فوري جنگبندي ڪرائي  فلسطيني عوام کي سندن حق ڏنا وڃن. اهڙي ريت ڪشميري عوام جو مسئلو به گڏيل قومن جي قراردادن جي روشني ۾ حل ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ سرڪار ايران سان تعليمي، ثقافتي، سماجي ۽ معاشي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿي. اسان جي ڪوشش آهي ته واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪريون. هن وڌيڪ چيو ته آئون ايراني ڀائرن ۽ ڀينرن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا نادر موقعا موجود آهن، مون کي اميد آهي ته نه رڳو پاڪستان پر خطي جي ترقي جو سفر سنڌ جي سرزمين تان شروع ٿيندو. ايراني صدر ۽ وزيراعليٰ سنڌ ۾ ملاقات ٿي جنهن دوران پاڪ-ايران اقتصادي موقعن تي ڳالهيون ڪيون ويون، وزيراعليٰ مراد علي شاهه چيو ته توانائي، انفرا اسٽرڪچر، زراعت، ٽيڪسٽائل ۽ ٻين شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن، سنڌ سدائين پرائيويٽ انٽرپرائز جي حوصلا افزائي ڪئي آهي، ٻئي ملڪ فعال بزنس ڪونسلز ذريعي مصنوعات متعارف ڪرائي سگهن ٿا، سنڌ ۾ ڪوئلي جا وڏا ذخيرا آهن، سنڌ ۾ اسپيشل اڪنامڪ زونز جو قيام ايراني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن لاءِ هڪ سٺو موقعو آهي، سنڌ ۾ سٺي ڪوالٽي جي ڪپهه ٿيندي آهي، ايران سنڌ ۾ لائيو اسٽاڪ ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهي ٿو، ان کانسواءِ ايجوڪيشن سٽي پراجيڪٽ فيز 1 ۾ غيرملڪي ادارن لاءِ 500 ايڪڙ زمين مختص ڪئي آهي، اين اي ڊي ٽيڪنالاجي پارڪ ۾ ايراني آءِ ٽي ڪمپنين لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا آهن. ان کان اڳ ايراني صدر لاهور پهتو، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز آجيان ڪئي، ايراني صدر جي لاهور پهچڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻين سندس پرجوش آجيان ڪئي، ايراني صدر ابراهيم رئيسي مزار اقبال تي حاضري ڀري گلن  جي چادر به چاڙهي. ايراني صدر ابراهيم رئيسي لاهور دوري دوران چيو ته اسرائيل خلاف جنگ ۾ فلسطيني ڪامياب ٿيندا، غزه جي معاملي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي واکاڻ ڪيون ٿا، پاڪستان ۾ عوامي جلسو ڪرڻ جي خواهش هئي پر ڪجهه سببن جي ڪري ائين نه ٿي سگهيو، پاڪستان جو عوام جذباتي ۽ مذهبي آهي، پاڪ ايران دوستي هماليه پهاڙ کان به اوچي آهي، پاڪستان ۽ ايران جي عوام جون دليون جڙيل رهنديون، پاڪستان اچي اجنبيت جو احساس نه ٿيو، پاڪستان سان توانائي سوڌو ٻين شعبن ۾ تعاون وڌايو ويندو، ايراني صدر گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي به ويو، اتي خطاب ڪندي ايراني صدر چيو ته قومن جي برادري ۾ نمايان مقام حاصل ڪرڻ لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، ايراني صدر گورنر ۽ وزيراعليٰ پنجاب سان به ملاقاتون ڪيون، مريم نواز چيو ته ايران سان غربت جي خاتمي لاءِ گڏيل معاشي منصوبو چاهيون ٿا، پنجاب جي ويليو ايڊڊ لائيو اسٽاڪ ۾ ايران جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين.