اوٻاوڙو مان اغوا ٿيل ٻارڙو عبدالاحد ڀٽي بازياب، 2 ڄڻا گرفتار

0
266

اوٻاوڙو مان 11 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ٻارڙو عبدالاحد ڀٽي ڪچي واري علائقي مان بازياب

ڊي آءِ جي سکر طارق عباس قريشي ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي آهي ته ٻارڙي عبدالاحد ڀٽي کي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

گهوٽڪي ضلعي مان اغوا ٿيل هڪ وڌيڪ مغوي کي به جلد بازياب ڪرايو ويندو، نينگر احد جَي مامي عزيز ڀٽي ٻڌايو ته احد جي بازيابي جو اطلاع ملڻ بعد گهر ۾ خوشي جو ماحول آهي، پوليس ڪجهه دير بعد احد ڀٽي کي اسان حوالي ڪندي