ڪراچي پوليس جي 39 آفيسرن ۽ اهلڪارن جو ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف

0
213
اوٻاوڙو پوليس مبينا

 ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس ڪشمير روڊ تي پوليس اهلڪار هٿان شاهه رخ نالي نوجوان جي قتل کانپوءِ ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي

ڊي آءِ جي ويسٽ 39 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي هيڊ ڪوارٽر رزرو يونٽ ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ 6 سب انسپيڪٽر، 12 اي ايس آءِ ۽ 9 هيڊ ڪانسٽيبل شامل آهن

 ڊي آءِ جي ويسٽ پاران جاري ڪيل حڪم موجب انهن اهلڪارن کي ويسٽ زون ۾ ٻيهر مقرر نه ڪيو ويندو، بدلي ڪيل آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس يا سنگين شڪايتون هيون

 پوليس اختيارين موجب، آفيسرن ۽ اهلڪارن کي انڪوائري ڪليئر ٿيڻ تائين رزرو يونٽ ۾ ئي رکيو ويندو