انگلينڊ هٿان عبرتناڪ شڪست، گهٻرائڻو نه آهي:ڪپتان بابراعظم جي رانديگرن کي آٿت

0
381

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) انگلينڊ جي ٽيم کان شڪست ملڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اسان سيريز جي شروعات سٺي نه ڪري سگهياسين، شروعات ۾ وڪيٽون جلد ڪرڻ بعد ڀائيواري قائم ڪرڻ مشڪل ٿي ويو، مان انگلش بولرز کي ڪريڊيٽ ڏيان ٿو جنهن حالتن جو ڀرپور فائدو کنيو، هڪ سوال جي جواب ۾ رانديگر مايوسي جو شڪار نه آهن، سڀني کي اندازو آهي ته اسان دنيا جي نمبر ون ٽيم سان مئچ کيڏي رهيا آهيون، اسان جو ڏينهن خراب هو، ٻئي مئچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سيريز ۾ واپسي ڪنداسين، مان رانديگرن کي چوان ٿو ته گهٻرائڻو نه آهي.