انگلينڊ جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ آسٽريليا کي 8 رنز تان شڪست، سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري

0
216

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ آسٽريليا کي ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ 8 رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي

  آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 178 رنز ٺاهيون. ڊيوڊ ملان 82 ۽ معين علي 44 رنز ٺاهي نمايان رهيا

آسٽريليا طرفان مارڪس اسٽوئنس 3، ايڊم زمپا 2، پيٽ ڪمنز ۽ مچل اسٽارڪ هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. آسٽريلوي ٽيم 179 رنز جي هدف پٺيان مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنز ٺاهي سگهي. مچل مارش 45، ٽم ڊيوڊ 40 ۽ مارڪس اسٽوئنس 22 رنز ٺاهي نمايان رهيا

انگلينڊ طرفان سيم ڪيورن 3، بين اسٽوڪس، ڊيوڊ ولي ۽ ريس ٽوپلي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ڊيوڊ ملان کي 49 بالن تي 82 رنز ٺاهڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو