ٽنڊومحمد خان (رپورٽ: امتياز مڱريو) ٽنڊو محمد خان ۾ حيدرآباد پوليس پاران مين پڙي ۽ گٽڪي جي ڪارخاني تي ڇاپو،  هوائي فائرنگ، مزاحمت دوران پٿراءُ،  عورت اي ايس پي سميت 7 اهلڪار 2 ڪلاڪ يرغمال، آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو، 35 جوابدارن خلاف ڌار ڌار ڪيس داخل، ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان جي لاکاٽ واري علائقي 70 موري ۾ حيدرآباد جي ڊي آءِ جي پاران جوڙيل اسپيشل ڇاپا مار ٽيم اي ايس پي حيدرآباد علينا راڄپر جي اڳواڻي ۾ مين پوڙي ۽ گٽڪي جي ڪارخاني تي ڇاپو هڻي 10 ڪروڙ رپين جي ماليت کان وڌيڪ جو مين پوڙي ۽ گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان سوپاريون  زهريلو ڪيميڪل، مشينري ۽ ٻيو سامان برآمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، ڇاپي دوران  جوابدارن مزاحمت ڪري هوائي فائرنگ ۽ پٿراءُ ڪري اي ايس پي حيدرآباد ڪينٽ علينا راڄپر سميت 7  پوليس اهلڪارن کي 2 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي ڇڏيو،   اطلاع  تي ڊي آءِ جي حيدرآباد سيد پير محمد شاھ حيدرآباد ڊويزن جي 5 ضلعن جي پوليس نفري  ڳوٺ 70 موري پهچي وئي ۽ علائقي جو  گهيراءُ ڪري يرغمال بڻيل اي ايس پي علينا راڄپر ۽ ٻين پوليس اهلڪارن کي ڇڏائي ورتو، پوليس ۽ منشيات فروشن وچ ۾ ٿيل مزاحمت دوران گوليون ۽ پٿر لڳڻ ڪري 7 پوليس اهلڪار ارباب علي ، ظفر علي ميرجت ، محمد رفيق ، يونس علي ، ساجد علي ، غلام قاسم ۽ رحيم زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.