ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ) ڊار جو  جادو 14 ڏينهن ۾ ختم: ڊالر ٻيهر 2 رپيا مهانگو: سون ۾به 2100 رپيا اضافو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون  2100 رپيا واڌ سان 144200 مان 146300 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  عالمي مارڪيٽ ۾ سون 1668 ڊالر في آئونس تي برقرار رهيو، هوڏانهن چاندي 10 رپيا لاٿ سان 1580 مان 1570 رپين تي پهتي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 2 رپيا واڌ 218.5 مان 220.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ 9 پئسا اضافي سان 217.79 مان 217.88 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 244.5 ۽ يورو 214 رپين تي برقرار رهيا.