اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ڪرائڻ جو اعلان ڪندڙ وفاقي سرڪار 11 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اليڪشن ڪميشن پاران طلب ڪيل تفصيل فراهم  نه ڪري سگهي، اليڪشن ڪميشن پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي جائزي لاءِ جوڙي ڪاميٽي ڪم شروع نه ڪري سگهي تفصيل موجب سائنس ٽيڪنالاجي وزارت پاران اليڪشن ڪميشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت ڊيمو ڏيکاريو ويو هيو جنهن دوران اليڪشن ڪميشن پاران تيار ڪيل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت 70 کان وڌيڪ سوال اٿاري ڇڏيا هئا انهي اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن سائنس ٽيڪنالاجي وزارت کان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ٽيڪنل  فنڪشنن، ڊزائين، انڊسٽيريل معيار، سڪيورٽي فيچرز، جا تفصيل طلب ڪيا هئا، هن وقت تائين اليڪشن ڪميشن کي تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا، اليڪشن ڪميشن پاران ان حوالي سان جوڙيل ڪاميٽي انهن تفصيلن جو انتظار ڪري رهي آھي، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن تيار ڪيل ووٽنگ مشين ۾ ڪيترين ئي خامين جي به نشاندهي ڪئي هئي جن ۾  اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۾ رڳو ويھن اميدوارن مان ڪنهن هڪ کي ووٽ ڏيڻ جو آپشن هو، جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن اميدوارن جو تعداد وڌائڻ ۽ هڪ ئي مشين ۾ قومي اسيمبلي سان گڏ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جي گنجائش ڪڍڻ جي تجويز ڏني هئي ۽ وفاقي حڪومت کي ٻڌايو هو ته اگر 20 کان وڌيڪ اميدوارن جي نالن جي ووٽنگ مشين ۾ گنجائش نه رکي وئي ته 20 کان وڌيڪ اميدوارن جي تڪن ۾ پولنگن تي اضافي ووٽنگ مشين رکڻي پوندي، اليڪشن ڪميشن ووٽنگ مشين سان گڏ ڪٽر لڳائڻ جي به هدايت ڪئي هئي جيئن بٽڻ دٻائي ووٽ ڪندڙ جي ووٽ جي پرچي پاڻ وڃي بيلٽ باڪس پوي، ٻي صورت ۾ ووٽ جي رازداري متاثر ٿيڻ جو خدشو هوندو، ذريعن مطابق اليڪشن ڪميش ووٽنگ مشين ۾ ووٽر جي سڃاڻپ جي اهليت نه هجڻ جي نشاندهي ڪرڻ  سان گڏ خدشو ظاهر ڪيو هيو ته ووٽر جي نشاندهي ڪرڻ جي مشين ۾ اهليت نه هوندي ته پرزائيڊنگ آفيسر يا ڪو هڪ ماڻهو مسلسل ووٽنگ مشين جو بٽڻ دٻائي ڪيترائي ووٽ ڪري سگهن ٿا، هر پولنگ اسٽيشن تي چار جي لڳ ڀڳ پولنگ بوٿ ھوندا آھن مشين ۾ هڪ ئي پولنگ جي چئن بوٿن جا ووٽ گڏ ڪري پوري پولنگ جو نتيجو ڏيڻ جي اهليت نه آھي جيڪا هجڻ گهرجي اليڪشن ڪميشن جي ذميوار ذريعن ٻڌايو آھي مشين ۾ ڪيل خامين جي نشاندهي کي به ٺيڪ ڪري وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي مشين جائزي لاءِ پيش نه ڪري سگهي آھي.