ڪراچي( م ڊ) ڪراچي ايئرپورٽ جي ايپرن ايريا ۾ رولو ڪتا داخل ٿي ويا، جهاز ۾ سوار هڪ مسافر وڊيو ٺاهي شيئر ڪري ڇڏي، سول ايوي ايشن موجب ايئرپورٽ ۾ ڪتا داخل ٿيڻ جو معاملو 23 آگسٽ جو آهي، رن وي تي موجود برڊ شوٽر فوري ڪارروائي ڪندي ڪتن کي ماري ڇڏيو ، ايئرپورٽ تي ڪتن جي وڊيو سامهون اچڻ بعد سول ايوي ايشن قدم کڻندي ايئرپورٽ تي موبائل ڪيميرائن سان فوٽو گرافي ڪرڻ ۽ وڊيو ٺاهڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي ، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پابندي جي ڀڃڪڙي تي موبائل فون ۽ انٽري ڪارڊ ضبط ڪيا ويندا.