اليڪشن مهم جو اڄ آخري ڏينهن: اميدوارن جون ڊوڙون: چونڊ نتيجا ڪيستائين ايندا حتمي وقت ڏيڻ ممڪن ناهي: اليڪشن ڪميشن

0
42
پاڪستان بار جي الزامن تي اليڪشن ڪميشن جو رد عمل
پاڪستان بار جي الزامن تي اليڪشن ڪميشن جو رد عمل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عام چونڊن 2024ع جي حوالي سان سمورين سياسي پارٽين جي لاءِ چونڊ مهم هلائڻ جو آخري ڏينهن 6 فيبروري مقرر ڪيو ويو آهي

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ سمورين سياسي پارٽين کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ٻڌايو آهي ته  چونڊ ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 182 جي تحت 6 فيبروري 2024 ۽ 7 فيبروري 2024 جي وچ واري رات 12 وڳي تائين چونڊ مهم هلائي سگهبي

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته مقرر وقت کان پوءِ ڪوبه شخص ڪنهن به جلسي، جلوس، ڪارنر گڏجاڻي يا اهڙي قسم جي سياسي سرگرمي منعقد نه ڪندو نه ئي وري ان ۾ شرڪت ڪندو

اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو ته ڪوبه شخص جيڪو قانون جي مذڪوره شق جي ڀڃڪڙي ڪندو انهي جي خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. هوڏانهن اميدوارن ووٽ لاءِ سرگرمين ۾ تيزي آڻي ڇڏي آهي.

 اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي مانيٽرنگ لاءِ ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پهريون ڀيرو شڪايتن لاءِ واٽس ايپ جو استعمال ڪيو ويندو، اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ ڏيندي ايڊيشنل ڊي جي مرڪزي ڪنٽرول روم هارون شنواري ٻڌايو ته مانيٽرنگ لاءِ خصوصي قدم کنيا ويا آهن

شڪايتن لاءِ واٽس ايپ پهريون ڀيرو استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اي ميل ۽ يونيورسل فون نمبر تي پوري ملڪ ۾ شڪايت داخل ڪري سگهبي. هن چيو ته صوبائي سطح تي چار ڪنٽرول روم قائم ڪياويا آهن، 32 ريجنل مانيٽرنگ ڪنٽرول روم هوندا، ضلعي مانيٽرنگ ٽيمون به هونديون. ڊي جي آءِ ٽي خضر حيات ميڊيا کي ٻڌايو ته اي ايم ايس جي ٽيڪنالاجي کي اپگريڊ ڪيو ويو آهي، ايم ايم ايس کي ان کان اڳ 40چونڊن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي، پرزائيڊنگ آفيسر اي ايم ايس ذريعي رٽرننگ آفيسر کي نتيجا موڪليندو، ڪو مسئلو ٿيو ته پرزائيڊنگ آفيسر ذاتي حيثيت ۾ رٽرنننگ آفيسر کي نتيجا پهچائيندو

اي ايم ايس نتيجن ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي کي فوري طور ڊيٽيڪٽ ڪندو. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪرنل رٽائرڊ سعيد ٻڌايو ته اي ايم ايس جي ماليت في الحال ٻڌائڻ مشڪل آهي، 3هزار 600 اي ايم ايس آپريٽرز کي ٽريننگ ڏني وئي آهي، اي ايم ايس ورڪنگ لاءِ انتهائي محفوظ نيٽ ورڪ موجود آهي

هن چيو ته اين اي 197 جي خط تي رٽرننگ آفيسر جا اي ايم ايس بابت خدشا حل ڪيا ويا. هڪ سوال تي هن چيو ته نتيجا ڪيستائين ايندا ان تي ڪو حتمي وقت ڏيڻ ممڪن ناهي، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڊاڪٽر آصف حسين بريفنگ دوران ٻڌايو ته پرزائيڊنگ آفيسر اي ايم ايس تي صرف فارم جي تصوير موڪلڻي آهي، اي ايم ايس کان وڌيڪ سولو نظام نٿو ٿي سگهي