لاهور(اسپورٽس نيوز) افغانستان جي وومين فٽبالر پنهنجي ڪٽنب ۽ ڪوچز سان گڏ پاڪستان پهچي ويون آهن. پاڪستان فٽبال فيڊريشن ۽ اسپورٽس بورڊ پنجاب جي اختيارين افغان رانديگرياڻين جو استقبال ڪيو. افغان وومين فٽبالر، سندس گهر ڀاتي ۽ اسٽاف فيفا هائوس ۾ ترسندا. افغان رانديگرياڻيون گذريل ڏينهن طورخم بارڊر ذريعي پاڪستان پهتيون هيون، پهرين مرحلي ۾ 79 ماڻهو پاڪستان آيا آهن.