اشو آف دي ڊي لاڪ ڊائون: پوليس جون موجون، مسافر پريشان: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
232

سنڌ ۾ ڪالهه لاڪ ڊائون کانپوءِ ڪهڙي صورتحال آهي؟ پوليس ڇا پئي ڪري؟ انتظاميا ڪهڙا قدم کنيا؟ شهرين ڪهڙين پريشانين کي منهن ڏنو؟ اهو سمورو حال سوشل ميڊيا تي بيان ڪيو ويو؟ سوشل ميڊيا تي پوليس پاران ماڻهن کي تنگ ڪرڻ جون شڪايتون به ڪيون ويون، مسافرن جي پريشانين جون دانهون ڪيون ويون، ان سلسلي ۾ اشتياق سرڪي تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ هر هنڌ پوليس ناڪا لڳايا ويا آهن، پبلڪ ٽرانسپورٽ کي روڪيو پيو وڃي، مسافرن کي گاڏين مان لاٿو پيو وڃي، دڪان به بند آهن. واحد عمراڻي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته نيو سعيدآباد پوليس طرفان ڪورونا وائرس جي وبا سبب سنڌحڪومت جي اعلان تحت نيو سعيدآباد شھر ۾ لاڪ ڊائون ڪرايو پيو وڃي، لاڙڪاڻو نيوز جي پيج تي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ويو ته لاڙڪاڻي ۾ لاڪ ڊائون جي آڙ ۾ پوليس جي دادا گيري شروع، اهلڪار ڦل روڊ تي هڪ دڪاندار سان اٽڪي پيا، جتي پوليس ۽ دڪاندار ۾ منهن ماري ٿي، دڪاندار جو چوڻ آهي ته پوليس لاڪ ڊائون جي آڙ ۾ اسان کان رشوت وٺي رهي آهي، شهرين سان بدتميزي سان پيش اچڻ واري معاملي جو اختياريون نوٽيس وٺن. جان باز لاشاري لکيو ته پوليس کي غريبن تي ظلم نه ڪرڻ گهرجي، ايم رفيق خالد لکيو ته ڪرپشن شروع ٿي وئي، شاهد شيخ لکيو ته لاڙڪاڻو جو لاڪ ڊائون ايئن آهي ته 500 رپيا ڏيو دڪان کوليو، عثمان باغي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ پوليس اهلڪار هڪٻئي کي مبارڪون ڏئي رهيا آهن ته لاڪ ڊائون جو چنڊ مبارڪ هجي، گلزار ملاح پوسٽ پريشان مسافرن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته جڏھن اوهان پنهنجي حُڪومتي تسڪين برابر رکڻ لاءِ بادشاهي فيصلا ڪندي اوچتو هڪ ڏينهن ۾ ٽرانسپورٽ پنهنجي ئي صوبي ۾بند ڪندو ته قهر جهڙي گرميءَ ۾ ٻين شهرن ڏانهن ويل مسافرن کي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ورڻ ۾ وڏي تڪليف ڏسڻي ٿي پوي، ٻُڌڻ ۾ آيو آھي ته سنڌ جي مختلف شهرن کان ڪراچي جي مختلف علائقن ڏانهن ويندڙ شهرين کي ٽرانسپورٽر ڪاٺوڙ پُل وٽ لاهي ڇڏين ٿا، جنهن سبب هزارين مسافر نٽھڻ اُس ۾ پريشان بيٺل آھن. قادر ملاح لکيو ته آئون پاڻ سفر ۾ آهيان ڀانن مان اسان کي واپس ڪيو ويو، هر پاسي کان روڪيو ويو، هاڻي سيوهڻ ڪراس ڪيو آهي، وڏي حالت ٿي آهي، نادر کوسو لکيو ته آئون پاڻ اهو سڀ ڪجهه ڏسي اچان پيو حيدرآباد پهتا آهيون، هاشم ملاح لکيو ته ڪراچي ڏانهن ايندڙ بسون مسافرن کي ڪاٺوڙ پل وٽ لاهن ٿيون باقي ڪراچي کان ويندڙ بسن کي نه پيا روڪن، جاني ملاح لکيو ته آئون به ڏهه وڳي کان حيدرآباد نوابشاهه موٽروي وٽ بيٺو آهيان،ساجد علي لکيو ته اسان جو دوست به ان صورتحال ۾ ڦاسي پيو، رڪشا وارن به ڪرايو 2600 رپيا ٻڌايو وڏو ظلم آهي، شعبي البلوشي لکيو ته سنڌ سرڪار عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، رفيق هاشماڻي لکيو ته حڪومت ايئن سڪون ٿو ملي، معصوم ٻچا عورتون روڊن تي قهر جي گرمي ۾ پريشان آهن، يوسف جان عمراڻي لکيو ته عوام کي پريشان ڪيو ويو آهي، زاهد حسين ميمڻ لکيو ته سنڌ سرڪار تي افسوس آهي. نديم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته لاڪ ڊائون جي ڪري ڪوچن ۽ بسن وارا ڪراچي ويندڙ ماڻھن کي ڪاٺوڙ پل وٽ لاهي ڇڏين ٿا، هزارين ماڻهو دربدر ٿي ويا، حڪمرانن وٽ ته وڏيون گاڏيون جھاز آھن عام ماڻھو تباھ ٿي پيو سنڌ جو ھر طرح جو معاشي قتل عام سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي. عرفان عالماڻي به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي رشيد سڌايو لکيو ته مسافرن کي اتي احتجاج ڪرڻ گهرجي ها، محسن سيال لکيو ته حڪومت جي بدانتظامي جي ڪري عوام دربدر ٿي ويو، سيما شيخ لکيو ته عوام کي ڪالهه کان ئي خبر هئي ته لاڪ ڊائون ٿي رهيو آهي پوءِ ڇو سفر تي نڪتا؟