اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف حڪومت مٿان  اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪرڻ جو الزام لڳايو  آهي، پي ٽي آءِ  پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آءِ نائين ٿاڻي جي پوليس صبح جو 5 وڳي زاهد اڪبر جي گهر تي ڇاپو هڻي کيس حراست  ۾ ورتو آهي، پي ٽي آءِ اسلام آباد جي صدر علي نواز اعواڻ ڇاپي ۽ گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته امپورٽيڊ سرڪار ڪيترو به زور لڳائي عوام کي خوفزده نه ٿي ڪري سگهي نه ئي مارچ ۾ شرڪت کان روڪي سگهي ٿي.