لنڊن(شوبز نيوز) استاد راحت فتح علي خان لنڊن ۾ جاري ڪنسرٽ ۾ هميشه جيان پنهنجي آواز سان ٻڌندڙن جون دليون کٽي ورتيون. لنڊن ۾ استاد راحت فتح علي خان ڪنسرٽ دوران ڀرپور پرفارم ڪيو. هن جي آواز مان ڪنسرٽ ۾ شامل ڀارت جي اسٽار ڪرڪيٽر سچن ٽنڊوالڪر سميت ناليواريون شخصيتون لطف اندوز ٿيون. سچن ٽنڊوالڪر راحت فتح علي خان جي گائيڪيءَ جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ نه رهجي سگهيو. سچن ٽنڊوالڪر کي ڏسي استاد راحت فتح علي خان اسٽار ڪرڪيٽر کي ساراهيو جنهن تي سچن ٽنڊوالڪر ڳائڻي جا ٿورا مڃيا ۽ هن سان پنهنجي محبت ۽ خلوص جو اظهار ڪيو. راحت فتح علي خان ڪنسرٽ ۾ ڪيترائي مشهور گيت ڳايا جنهن کي ڪنسرٽ ۾ موجود ماڻهن گهڻو پسند ڪيو.