استادن جي ڀرتين بابت جوڙيل پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو انڪشاف

0
204

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) استادن جي ڀرتين بابت جوڙيل پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، سنڌ جي تعليم کاتي واري سيڪريٽري پاران استادن جي ڀرتين بابت جوڙيل پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي

تعليم کاتي پارارن پرائمري ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي مقررين ۽ بدلين تي 20 آڪٽوبر 2021ع تي پابندي لاڳو ڪئي وئي ھئي

تعليم کاتي پاران نوَن استادن جي ڀرتين وارو مرحلو مڪمل ڪرڻ لاءِ 28 فيبروري 2025ع تائين پابندي برقرار رکڻ جو نوٽيفڪيشن جو جاري ڪيو ويو ھو

تعليم کاتي جي موجوده سيڪريٽري  پاران لاڳاپيل اختيارين جي منظوري کانسواءِ ويڊ لاڪ پاليسي جي نالي تي مقررين جا آرڊر جاري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

تعليم کاتي جي سيڪريٽري پاران ٻن ضلعن ۾ ماسترياڻين جي مقررين ۽ بدلين جا آرڊر جاري ڪيا ويا، ويڊ لاڪ پاليسي تحت آرڊر جاري ٿيڻ جي نتيجي ۾ حقدار استادن جي ھڪ ھڪ سيٽ گھٽجڻ جو خدشو آهي

سانگھڙ ضلعي جي پي ايس ٽي صدف ڪوثر کي بدلي ڪري ملير ضلعي ۾ مقرر ڪرڻ جو آرڊر جاري ڪيو ويو، پرائمري اسڪول جي ماسترياڻي صائما خاتون کي جيڪب آباد ضلعي مان بدلي ڪري سانگھڙ  ضلعي ۾ مقرر ڪيو ويو