اسان تي پابندي لڳائي وئي ته تيل 300 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويندو: روسي نائب وزيراعظم

0
546

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) روس جي نائب وزيراعظم اليگزينڊر نواڪ روس جي تيل تي پابندي جي حوالي سان دنيا کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي

پرڏيهي خابرو اداري موجب اليگزينڊر نواڪ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن روسي تيل تي پابندي لڳائي وئي ته ان جا عالمي مارڪيٽ ۾ تباهه ڪندڙ نتيجا نڪرندا ۽ تيل جي قيمت 300 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويندي

ٻئي طرف وائيٽ هائوس موجب آمريڪي صدر روسي تيل ۽ گئس جي درآمد روڪڻ جو اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو

ٻئي پاسي برطانوي وزيراعظم بورس جانسن چيو ته روسي تيل تي عالمي پابندين جو معاملو غور هيٺ هو پر جرمني ۽ هنگري ان جي مخالفت ڪئي

هن وڌيڪ چيو ته روسي تيل ۽ گئس کانسواءِ يورپ پنهنجي توانائي جون ضرورتون پوريون نه ڪري سگهندوم روسي تيل تي پابندي جي خبرن تي سڄي دنيا جي منڊين ۾ مندي جو رجهاڻ ڏسڻ ۾ آيو آهي

بورس جانسن چيو ته روسي تيل جي پابندي جي خبر تي خام تيل جي قيمت پڻ وڌي وئي آهي، برنٽ 123 ڊالر ۽ ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت 119 ڊالر في بيرل جي ويجهو پهچي ويو آهي