اتحادين پاران عبدالقدوس بزنجو بلوچستان جو نئون وڏو وزير نامزد

0
368
اتحادين پاران عبدالقدوس بزنجو

ڪوئيٽا: بلوچستان عوامي پارٽي جي اتحادين عبدالقدوس بزنجو کي بلوچستان جو نئون وڏو وزير نامزد ڪري ورتو آهي، عبدالقدوس بزنجو صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر واري عهدي تان اڄ استعيفا ڏئي چڪو آهي

بي اي پي جي ترجمان عبدالرحمان کيتران چيو آهي ته سمورين اتحادي جماعتن صوبي جي نئين وڏي وزير طور عبدالقدوس بزنجو کي نامزد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته بي اين پي، بي اين پي عوامي، جي يو آءِ ۽ بي اي پي جا ناراض اڳواڻ نئين حڪومت ۾ شامل هوندا، بلوچستان ۾ حڪومت سازي لاءِ پي ٽي آءِ سان به مشاورت ڪئي ويندي، اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال پاران گذريل ڏينهن استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ بي اي پي جي ناراض گروپ بلوچستان اسيمبلي ۾ سندس خلاف پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ اڄ واپس وٺي ڇڏي

ھي به پڙھندا

بلوچستان اسيمبلي جي اسپيڪر قدوس بزنجو به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي