آفيس وقت کانپوءِ ملازمن کي ميسيج يا اي ميل ڪندڙ باس مٿان ڏنڊ لڳندو

0
465
آفيس وقت کانپوءِ ملازمن

ڪراچي: (م.ڊ) پرتگال ۾ ملازمن جي آرام لاءِ نوان ۽ حيران ڪندڙ قانون متعارف ڪرايا ويا آهن. برٽش براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (بي بي سي) جي هڪ رپورٽ موجب پرتگال جي حڪومت باسز تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ته هو آفيس وقت کانپوءِ ملازمن کي ميسيج يا اي ميل نٿا موڪلي سگهن، 10 کان وڌيڪ ملازم رکندڙ ڪمپنين جا باسز ملازمن کي تنگ نٿا ڪري سگهن ٻي صورت ۾ ڪمپني کي ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.

پرتگال ۾ اهو قانون ملازمن جي گهر ۽ آفيس جي زندگي کي توازن ۾ رکڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ملڪ ۾ ٻار رکندڙ ملازمن لاءِ به نوان ضابطا متعارف ڪرايا ويا آهن، جنهن تحت ڪو به ملازم جنهن جا ٻار 8 سالن کان گهٽ عمر وارا هجن، اهو ڪمپني مالڪن جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ گهر کان ڪم ڪري سگهي ٿو.نون ضابطن تحت ڪمپنيون ملازمن جي گهرن ۾ ايندڙ بجلي ۽ انٽرنيٽ جي بلن ۾ به حصو ڏينديون.