آصف زرداري، بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات

0
42

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات

ٽنهي اڳواڻن وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي واڌايون ڏيڻ سان گڏ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو، سنڌ جي اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

 ذريعن موجب آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جي وزيراعظم سان ملاقات دوران حڪومت سازي ۽ سنڌ جي اهم معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

 ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف  ملاقات دوران سنڌ سرڪار سان ڀرپور سهڪار جو عزم ورجايو آهي

ٻئي پاسي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پاران شهباز شريف کي وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي واڌايون، شهباز شريف گذريل ڏينهن پاڪستان جي 24 هين وزيراعظم طور عهدي جو حلف کنيو هو

وزيراعظم  شهباز شريف کي ايران، چين ۽ ٻين ملڪن جي سربراهن پاران به واڌايون ڏنيون ويون آهن

شہبازشریف کو وزیراعظم منتخب ہونے پر بھارتی وزیراعظم مودی کی مبارکباد

ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف جي حلف برداري جي موقعي تي آرمي چيف جي بلاول ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز سان دعا سلام جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون

 آرمي چيف جنرل عاصم منير بلاول ڀٽو زرداري سان هٿ ملايو ۽ ٻنهي هڪ ٻئي جي خيريت معلوم ڪئي، آرمي چيف جي هڪڙي هٿ ۾ بلاول جو هٿ ۽ ٻئي هٿ ۾ سندس ڪمانڊ اسٽڪ نظر آئي

بلاول ۽ آرمي چيف جي هڪ ٻئي کي مرڪي کيڪارڻ واري تصوير ۾ پسمنظر ۾ آصف زرداري به مرڪندي نظر اچي رهيو آهي

 آرمي چيف پنجاب جي نئين چونڊيل سي ايم مريم نواز سان به دعا سلام ٿي، تقريب دوران بلاول جي ميان نواز شريف ۽ مريم نواز  سان به دعا سلام ٿي، اڳواڻن هڪ ٻئي جي خيريت معلوم ڪئي