ڪيٽي بندر ويجهو حجامڙو ڪريڪ وٽ ٻيڙي اونڌي

0
57

ڪيٽي بندر ويجهو حجامڙو ڪريڪ وٽ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 25 کان وڌيڪ مهاڻا  ٻڏي ويا، مقامي ماهيگيرن پنهنجي مدد پاڻ تحت سمورن مهاڻن کي بچائي ورتو، ٻيڙي ۾ سوار اڪثر ماڻهن جو تعلق ابراهيم حيدري سان هو

 علائقي واسين موجب الاسد نالي هوڙو مڇي جي شڪار دوران تيز هوائن سبب اونڌو ٿي پيو، ڀرسان گذرندڙ ٻئي هوڙي جي ملاحن ٻڌندڙ مهاڻن کي بچائي ورتو

 فشر فوڪ جي اڳواڻ ڪمال شاهه چيو ته ٻڏي ويل هوڙي جا 30 کان وڌيڪ مهاڻا ابراهيم حيدري واپس پهچي ويا آهن، پاڻيءَ ۾ ڪرڻ سبب ڪجهه مهاڻا معمولي زخمي ٿي پيا