ڪنڌڪوٽ پوليس پاران آپريشن دوران ڊيرا بگٽي واسي 4 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
58
ڪنڌڪوٽ پوليس پاران آپريشن دوران ڊيرا بگٽي واسي 4 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
ڪنڌڪوٽ پوليس پاران آپريشن دوران ڊيرا بگٽي واسي 4 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ پوليس پاران ڪچي ۾ آپريشن  دوران ڊيرا بگٽي واسي 4 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ ۽ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران محمد جان، برڪت علي، بابر علي  ۽ بهرام بگٽي  کي بازياب ڪرايو ويو آهي

پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته گهيرو تنگ ٿيڻ بعد ڏوهاري مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا، ٻين مغوين کي به جلد بازياب ڪرايو ويندو، آپريشن جاري رهندو

چئني ڄڻن کي ڪجهه ڏينهن اڳ غوثپور ويجهو دڙي سندراڻي وٽان اغوا ڪيو ويو هو، مغوين جي وارثن 2  ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي 8 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو هو