آسٽريليا جو ڀارتي وومين ٽيم خلاف هوم سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان

0
230

ڪينبرا(اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ايندڙ مهيني ڀارتي وومين ٽيم خلاف هوم سيريز لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ميگن شوٽ ۽ جيسن جوناسن کي اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو. سيٽيلا ڪيمبل ۽ جارجيا ريڊمائن اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويون آهن. آسٽريلوي بورڊ موجب ايندڙ مهيني دورو ڪندي ۽ 3 ون ڊي، 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ هڪ ڊي نائٽ ٽيسٽ ميچ کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ون ڊي ميچز جي سيريز جو آغاز 19 سيپٽمبر تي سڊني ۾ پهرين ون ڊي سان ٿيندو، ٻيو ون ڊي 22 جڏهن ته ٽيون ونڊي 24 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو. واحد ٽيسٽ 30 سيپٽمبر تي پرٿ ۾ شروع ٿيندو. 18 رڪني اسڪواڊ ۾ ميگ ليننگ، ريچل هينس، ڊارسي برائون، ميتلان برائون، سيٽلا ڪيمبل، نڪولا ڪيري، هننا ڊارلنگٽن، ايشلي گارڊنر، اليسا هيلي، طاهليه ميگ گرا ۽ ٻيون رانديگرياڻيون شامل آهن.