پاڪستان- افغانستان ڪرڪيٽ سيريز لاءِ ڪيمپ لڳائڻ جو فيصلو

0
285

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) افغانستان خلاف سيريز لاءِ ڪيمپ لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪيمپ 21 کان 28 آگسٽ تائين لاهور ۾ لڳائي ويندي، ڪيمپ ۾ رپورٽ ڪرڻ تي رانديگرن جي ڪورونا ٽيسٽ به ٿيندي. ويسٽ انڊيز ۾ پاڪستان ٽيم سان گڏ ڪرڪيٽرز ڏيهه واپس اچي ٽيم جوائن ڪندا. پي سي بي کي افغانستان طرفان سيريز جي شيڊول جي اعلان جو انتظار آهي. سيريز جي شيڊيول جي اعلان بعد پاڪستان ٽيم جي روانگي جو فيصلو ٿيندو. پاڪستان ۽ افغانستان ٽيمن کي ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻي آهي، افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ميچز سريلنڪا ۾ ڪرائڻ جو خواهشمند آهي.