آريانا گرانڊي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

0
418

نيويارڪ(شوبز نيوز) دنيا جي مشهور گلوڪارا آريانا گرانڊي شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي گلوڪارا آريانا گرانڊي 5 مهينا اڳ ڊالٽن گومز سان مڱڻي ڪئي هئي، جنهن بعد هن گذريل هفتي خاموشي سان شادي ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ ڄانايو ويو آهي ته شادي جون سموريون رسمون نيويارڪ ۾ ڊالٽن گومز جي رهائش تي ادا ڪيون ويون. شادي جي تقريب ۾ محدود انگ ۾ مهمانن شرڪت ڪئي هئي جڏهن ته ميڊيا کي پڻ نه ٻڌايو ويو. واضح رهي ته ڊالٽن گومز آمريڪا جو ڪروڙ پتي صنعتڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو جڏهن ته ڊالٽن گومز به آمريڪا سميت دنيا جي مشهور گلوڪارن ۾ شامل آهي.