آءِ ايم ايف جو پاڪستان تي وياج جي شرح وڌائڻ تي زور

0
183
آءِ ايم ايف جو پاڪستان

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته هو پنهنجي مانيٽري پاليسي سخت ڪري

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪالهه ورچوئل اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪستان طرفان اسٽاف ليول معاهدو مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جو پاڪستان تي زور آهي ته اڳڀرائي قدم يعني جيڪي شرط رکيل آهن، اُنهن تي فوري طور عملدرآمد ڪرايو وڃي، آءِ ايم ايف مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي

مانيٽري پاليسي سخت ڪرڻ سان وياج جي شرح وڌي ويندي، اسٽيٽ بئنڪ جي هن وقت وياج جي شرح 17 سيڪڙو مقرر ٿيل آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف وياج جي شرح 2 سيڪڙو وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي

هي به پڙهندا

صدر 170 ارب روپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ واري مالياتي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي