سنڌ اسيمبلي کي ڪڙو: اپوزيشن جو احتجاج، لاٺي چارج: شيلنگ: ڪيترائي گرفتار: قافلاروڪيا ويا: ڌرڻا: روڊ بلاڪ: اڱاري تي احتجاج جو سڏ

0
79
سنڌ اسيمبلي کي ڪڙو: اپوزيشن جو احتجاج، لاٺي چارج: شيلنگ: ڪيترائي گرفتار: قافلاروڪيا ويا: ڌرڻا: روڊ بلاڪ: اڱاري تي احتجاج جو سڏ
سنڌ اسيمبلي کي ڪڙو: اپوزيشن جو احتجاج، لاٺي چارج: شيلنگ: ڪيترائي گرفتار: قافلاروڪيا ويا: ڌرڻا: روڊ بلاڪ: اڱاري تي احتجاج جو سڏ

ڪراچي/ملير (رپورٽ: حبيب جمالي ۽ ناز شر)  سنڌ اسيمبلي جي افتتاحي اجلاس دوران مک روڊن تي ڪنٽينر  هڻي ۽ پوليس اٽالا بيهاري ڪڙو چاڙهيو ويو، ايم پي ايز جي اچڻ لاءِ رڳو شاهين ڪامپليڪس وارو روڊ  کوليو ويو، مختلف شهرن کان ايندڙ قافلن کي ٽول پلازائن ۽ شاهراهه فيصل تي روڪيو ويو

رڪاوٽون توڙي سنڌ اسيمبلي پهتل سنڌياڻي تحريڪ ۽ نرسري وٽ جي يو آءِ ڪارڪنن تي پوليس ڪڙڪي پئي، وحشياڻي لاٺي چارج ۽ شيلنگ بعد عورت ڪارڪنن کي گهلي موبائيلن ۾ وڌو ويو، شيل لڳڻ سبب مولانا راشد محمود سومرو سميت ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا، اپوزيشن پارٽين جي احتجاج  سبب  شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ان ڏس ۾ جي ڊي اي ۽ سندس اتحادي جماعتن پي ٽي آءِ ، جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ  طرفان سنڌ اسيمبلي آڏو احتجاج جي اعلان بعد رات جو ئي پوليس سنڌ اسيمبلي ڏانهن ويندڙ روڊن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيو، رڳو شاهين ڪامپليڪس وارو رستو کليل رکيو ويو ته جيئن ايم پي ايز اسيمبلي تائين پهچي سگهن، سنڌ اسيمبلي ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي

پوليس وين ۽ واٽر ڪينن گاڏيون بيهاريون ويون، قومي عوامي تحريڪ جون عورت ڪارڪن ۽ ٻين پارٽين جا مرد ڪارڪن پيرين پنڌ سنڌ اسيمبلي ٻاهران پهتا ته پوليس مٿن لاٺي چارج ڪري ڏني، پوليس عورت اڳواڻن کي گهلي پوليس موبائلن ۾ وڌو، قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، صبا سمون، بختاور چنڊ، حميرا خاصخيلي، ڪيو اي ٽي جي الطاف خاصخيلي، معشوق چانڊيو، علي حسن چانڊيو، عطاءُ االله مڱريو، نياز مڱريو سميت  ڪيترن  ڪارڪنن کي پوليس لاٺي چارج کانپوءَ گرفتار ڪري آرٽلري ٿاڻي ميت مختلف ھنڌن تي منتقل ڪيو. ان ڏس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان جو چوڻ هو ته پارٽي سربراهه اياز لطيف پليجو پاران گورنر، وزير اعلي ۽ گهرو وزير سان رابطا ڪرڻ بعد ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو

هوڏانهن جي يو آءِ سنڌ جي امير مولانا راشد محمود سومرو جي سربراهي ۾حيدرآباد مان ايندڙ قافلي کي پوليس ٽول پلازا وٽ روڪي ورتو، جنهن بعد ڪارڪنن ڌرڻو هڻي موٽروي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ڪافي ڪلاڪن بعد پوليس راشد محمود سومرو کي قافلي سميت وڃڻ جي اجازت ڏني. پوليس قافلي کي سنڌ اسيمبلي وڃڻ کان روڪڻ  لاءِ نرسري، ايف ٽي سي ۽ ميٽرو پول وٽ شاهراهه فيصل کي بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو. راشد محمود سومرو جو قافلو جيئن نرسري وٽ پهتو ته پوليس ٻيهر ڪارڪنن کي روڪي ورتو، جنهن بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، پوليس شيلنگ ڪري ڏني، موٽ ۾ ڪارڪنن پوليس تي پٿراءُ ڪيو

شيل لڳڻ سبب مولانا راشد سومرو کي ڄنگهه  ۾ زخم رسيو. جي يو آءِ اڳواڻ مولانا ناصر محمود سومرو موجب 30 ڪارڪن زخمي ٿي پيا، پوليس ڪيترن ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو. مولانا راشد محمود سومرو چيو ته  پوليس تشدد جو جواب پوري صوبي ۾ احتجاج جي صورت ۾ ڏنو ويندو. هوڏانهن جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي، زين شاهه ۽ سردار عبدالرحيم نرسري وٽ جي يو آءِ ڌرڻي ۾ پهچي ساڻن يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ٻئي طرف قومي شاهراهه وسيلي ايندڙ قافلن کي ملير ۾ سسئي ٽول پلازا تي روڪيو ويو، جنهن تي ڪارڪنن نعريبازي ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

ڪراچي : جي ڊي اي جي ڪورآڊينيشن ڪاميٽي ڪراچي ۾ جي ڊي اي ۽ اتحادي جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي پوليس تشدد خلاف 27 فيبروري تي ڪارو ڏينهن ملھائڻ جو اعلان ڪندي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ جي ڊي اي ۽ اتحادي جماعتن جو اجلاس ٿيو ـ جنهن ۾ ڪالھوڪي صورتحال جو جائزو ورتو ويو

اجلاس ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي،  سيد زين شاھه ، حليم عادل شيخ.  حافظ نعيم الرحمان ۽ سردار رحيم شريڪ ٿيا، جڏهن ته راشد محمود سومرو ۽ پير صدرالدين شاھ راشدي سان فون تي مشاورت ڪئي وئي،  جنهن بعد ڪارڪنن کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي سيڪريٽري  ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته پوليس پاران عورتن سميت مظاهرين تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف 27 فيبروري تي سموري سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو

انهي ڏهاڙي  مظاهرا ڪيا ويندا، هن چيو ته اسانجي پرامن احتجاج کي روڪڻ لاءِ جيڪو ظلم ڪيو ويو. ان جو مثال نه ٿو ملي، جي يو آءِ جي قافلن تي حملو ڪري ڪارڪنن کي زخمي ڪيو ويو، شام ڌاري پوليس پاران سنڌ اسيمبلي آڏو گرفتار ڪيل سنڌياڻي تحريڪ جي عورت ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو.