ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ ٻڌائين ته هنن اڳ ۾ ڪهڙي اليڪشن کٽي آهي؟ ڪهڙي پولنگ تي ڌانڌلي ٿي آهي؟، ڇا منهنجي لاڙڪاڻي واري سيٽ تي به ڌانڌلي ٿي آهي؟ جيڪا مون هڪ لک جي ليڊ سان کٽي آهي،؟  الزام لڳائڻ بدران ثبوت پيش ڪريو، هي احتجاج هڪ مذاق آهي، نيو ڪراچي ۾ اليڪشن دوران قتل ٿيل 12 سالن جي نينگر جي گھر پھچي سندس وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل وٽ وزيراعظم ٿيڻ لاءِ نمبرز ئي پورا نه هئا، تحريڪ انصاف وارن شهبازشريف جو رستو روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، باني پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف کي خط لکڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو، هي صرف سياست  لاءِ ملڪ کي معاشي مسئلن جو شڪار ڪرڻ جي ڪوشش آهي، ڪجهه جماعتون پيپلزپارٽي تي ڪوڙا الزام لڳائي رهيون آهن، ڪير به الزام لڳائي ۽ سياسي ڊراما ڪري. اسان کي بليڪ ميل نٿو ڪري سگهي،  عام چونڊن دوران اسان جي ٻن ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن انھن کي انصاف ڏيارڻ بدران ڪيس به انھن  خلاف داخل ڪيو آهي. اسين حڪومت ۾ ايندي ئي ٻنهي واقعن جي جاچ لاءِ ڪاميٽي جوڙينداسين، حملا ڪندڙن کي بخش نه ڪنداسين ته جيئن اڳتي اھڙا واقعا نه ٿين، ھن چيو ته 2024ع واري اليڪشن به 2018 ع جي اليڪشن کان مختلف نه ھئي، پي ايس 124 ۽ 125 تي پ پ اميدوارن کٽيو ھو پر اھي سيٽون ٻين کي ڏنيون ويون، اسين لاڳاپيل فورمز تي پنهنجو ڪيس وڙھنداسين، اميد آھي ته اسانکي انصاف ملندو، ھن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل کي پنهنجن ڪارڪنن سان سچ ڳالهائڻ گھرجي ته انھن وٽ اڪثريت ناھي،  عمران خان پاڻ چاھي ٿو ته ميان شھباز شريف وزيراعظم ٿئي،  انھي ڪري ھن سندس سامهون ڪو اميدوار ناھي بيھاريو،  هن چيو ته  آءِ ايم ايف کي خط لکڻ سان ڪو فرق نه پوندو، انهي سان سندن اصل چھرو وائکو ٿيو آھي.  ھن چيو ته جيڪي قوتون سنڌ ۾ يا ڪراچي شھر ۾ دھشتگردي ۽ مذھبي فساد ڪرائڻ چاھين ٿيون، اسان سندن سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين .