آءِ جي جيلز منور شاهه جي مقرري ڪالعدم قرار

0
80

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي جيلز منور شاهه جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

آءِ جي جيلز جي مقرري خلاف اعجاز علي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت گذريل سال منور شاهه کي آءِ جي جيلز جي عارضي چارج ڏني هئي

وڪيل دليل ڏنا ته پهرين نومبر تي عارضي چارج کي مستقل مقرري ۾ تبديل ڪيو ويو، هاڻوڪو آءِ جي جيلز 20 هين گريڊ جو آفيسر آهي

منور شاهه کان وڌيڪ سينيئر ايڪويهين گريڊ جا آفيسر موجود آهن، منور شاهه جي مقرري سينيئرز جي حقن جي لتاڙ آهي

عدالت درخواست گذار جو موقف تسليم ڪندي منور شاهه جي مقرري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو