چونڊ نتيجن خلاف پي ٽي آءِ جا ملڪ گير مظاهرا، ڌرڻا: لطيف کوسا، سلمان اڪرم ۽ 4 ايم پي ايز سوڌو ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

0
43
چونڊ نتيجن خلاف پي ٽي آءِ جا ملڪ گير مظاهرا، ڌرڻا: لطيف کوسا، سلمان اڪرم ۽ 4 ايم پي ايز سوڌو ڪيترائي ڪارڪن گرفتار
چونڊ نتيجن خلاف پي ٽي آءِ جا ملڪ گير مظاهرا، ڌرڻا: لطيف کوسا، سلمان اڪرم ۽ 4 ايم پي ايز سوڌو ڪيترائي ڪارڪن گرفتار

لاهور (م ڊ) چونڊ نتيجن خلاف پي ٽي آءِ پاران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيو ويو. احتجاج دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسا ۽ سلمان اڪرم راجا ۽ 4 ايم پي ايز سميت ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب  پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ سينئر وڪيل سردار لطيف کوسا کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. احتجاج ڪرڻ تي لطيف کوسا ۽ 25 کان وڌيڪ پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو.  ميڊيا رپورٽن موجب تحريڪ انصاف اڳواڻ لطيف کوسا ۽ سلمان اڪرم راجا کي پوليس لاهور ۾ احتجاج دوران گرفتار ڪري ورتو آهي

لطيف کوسا جي پٽ موجب سندس پيءَ کي پوليس صدر گول چڪر مان گرفتار ڪيو، سندس گاڏي ٿاڻي ۾ آهي پر هو موجود ناهي، ڳڻتي آهي ته هو الائي ڪٿي آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ سلمان اڪرم راجا کي به پوليس اڇرا مان گرفتار ڪري ورتو. لطيف کوسا کي آر اَي بازار ٿاڻي تي رکيو ويو.  گرفتارين خلاف پي ٽي آءِ اڳواڻن احتجاج ڪيو. سندن چوڻ آهي ته اسپيڪر جي  اجازت کان سواءِ ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي گرفتار نٿو ڪري سگھجي. پوليس بنا اجازت جي سردار لطيف کوسا کي گرفتار ڪيو آهي. جيڪا ناانصافي آهي. کيس جلد آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن پي ٽي آءِ پاران مختلف شهرن ۾ احتجاج دوران 25 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو . جڏهن ته شيخوپوره مان 3 اسيمبلي ميمبرن کي گرفتار ڪيو ويو

ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب شيخوپوره ۾پليس ڪارروائي ڪري ٽن ايم پي ايز کي گرفتار ڪيو،  جڏهن ته ملتان مان جاويد هاشمي جي ناٺي ۽ ڏهٽي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي شعيب شاهين چيو ته اليڪشن ڪميشن هنن جو ساٿاري بڻيل آهي، ماڻهن جي  هڪ هٽي قائم آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳوڻ  عامر ڊوگر چيو آهي ته اسان جون سيٽون کسيون ويون آهن، هي ماڻهو اسان کان ڊنل آهن. اسان کي هڪ خاص جاءِ تي احتجاج ڪرڻو هو، ڌرڻي جو پلان نه هو.  هوڏانهن شير افضل مروت اسلام آباد ۾ جلسي جو اعلان ڪندي چيو ته 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ جلسو ڪنداسين، جلسي لاءِ ڊي سي کي درخواست ڏئي ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ ايم پي اي ميان هارون اڪبر کي به گرفتار ڪيو ويو آهي

جڏهن تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ميان محمود الرشيد جي پٽ کي به لاهور شادمان واري علائقي مان گرفتار ڪيو ويو. ٻئي طرف پي ٽي آءِ پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، ڪراچي ۾پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ، ڊاڪٽر مسرور سيال، ايڊووڪيٽ اشرف سمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قائدآباد ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي حليم عادل شيخ پاران اعلان ڪيو ويو ته عيد بعد مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻندڙن ۽ پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ تاريخي جلسو ڪيو ويندو. ٽنڊو محمد خان ۾ الطاف نظاماڻي، آفتاب نظاماڻي، مختيار احمد ڀٽي، ڪامران جانوري ۽ منير نظاماڻي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ ڌانڌلين خلاف تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو

نوابشاهه ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي سڏ تي ڪارڪنن عنايت رند ۽ توقير مغل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، سکر ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن گوهر کوسو، عبدالعزيز ابڙو، صفيه بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اليڪشن ڪميشن خلاف ريلي ڪڍي،سانگهڙ ۾ پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي طرفان سني يوسفزئي، آصف وساڻ، راجا مري، نويد ميمڻ، عمران خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، مورو ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پريم ڪمار ٺڪر، سڄڻ ڏيپر، عبدالقيوم ڀٽو، اختر پنھيار،قربان کوسو، زاهد کوسو، جان محمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ٺٽي ۾ پي ٽي آءَ ضلعي صدر سيد امجد شاھه،ھوش محمد عباسي، عرفان ملڪاڻي، مراد ساٽي  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. نئون ڪوٽ ۾ پي ٽي آءَ پاران يعقوب خان، لياقت قائمخاني، فقير اسحاق چانڊيو، فقير اسلم، مجيد قائمخاني ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو

قمبر ۾ ڪرڪيٽ گرائونڊ کان پريس ڪلب تائين محمد علي هڪڙو، فداحسين ٻگهيو ۽ ممتاز بروهي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊوالهيار ۾ اسلم لغاري، راشد ميئو ۽ فدا حسين چوهاڻ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊوآدم ۾ پي ٽي آءِ پاران ايوب کوسو، فيض محمد ڏيرو، عدنان نثار، مرزا شفيق بيگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نيو سعيد آباد ۾ نازش فاطمه ڀٽي، گلزار خاصخيلي، نياز لغاري ۽ ابو ڪوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ٺل ۾ انصاف هائوس کان صدام حسين کوسو، وقار  سومرو، رويد احمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي رهبر چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو