روڊ حادثن ۾ ضايع ٿيندڙ زندگيون

0
36
ٽڪراءَ ڏانهن وڌندڙ ادارا ۽ خطري جا وڄندڙ سائرن

هونئن ته روڊ حادثا سڄي مُلڪ ۾ معمول بڻيل آهن، پر اهي حادثا اُتي گهڻا ٿا ٿين، جتي ٽريفڪ قانونن تي عمل نٿو ٿئي. سنڌ ۾ روڊ حادثن جي شرح وڌيڪ آهي. جو هن روڊن تي گاڏيون ته هلن ٿيون پر قانون نٿو هلي. اها صورتحال خطرناڪ روڊ حادثن جو سبب بڻجي ٿي. اهڙو ئي خطرناڪ روڊ حادثو ڪالهه سڪرنڊ ويندڙ ڄاڃين جي ڊاٽسن قاضي احمد باءِ پاس تي ڪنٽينر سان ٽڪرائجي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ ٻن گهوٽ ڀائرن جي معصوم ڀيڻ سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 کان وڌيڪ ڄاڃي زخمي ٿي پيا. ان کان سواءِ ساڳئي ڏينهن تي مختلف حادثن ۾ 2 معصوم ٻارڙن سميت چار ٻيا ماڻهو پڻ زندگيون وڃائي ويٺا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روڊ حادثي تي ڏُک جو اظهار ڪيو آهي.

سنڌ ۾ وڏيون گاڏيون، ٽرڪون، ٽرالر المعروف ’رُڪ جا راڪاس‘ وڏن حادثن ۽ زندگين جي نقصان جو سبب بڻجي رهيا آهن، ننڍا ننڍا حادثا ته ليکي ۾ ئي نه آهن ۽ گهڻا ته ميڊيا تي رپورٽ ئي نٿا ٿين پر جيڪي وڏا حادثا ٿين ٿا، انهن جو تعداد به گهڻو آهي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ روڊ حادثن جو وڏو سبب ٽريفڪ قانونن تي عمل نه ٿيڻ آهي. سڀ کان اهم سبب تيز رفتاري آهي. ڊرائيور جڏهن اسٽيئرنگ تي ويهندا آهن ته اهي پاڻ کي جهاز جي ڪاڪ پٽ ۾ ويٺل سمجهندا آهن ۽ گاڏين کي هلائڻ بدران جهازن وانگر اُڏائيندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ حادثا ڪيئن نه جنم وٺندا؟ تيز رفتاريءَ کي ڪيئن ڪنٽرول ڪجي؟ اها ذميواري ٽريفڪ پوليس جي آهي پر اها اهڙي ذميواري پوري ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي. موٽر وي تي ته موٽر وي پوليس آهي، جيڪا نه صرف تيز رفتاريءَ تي نظر رکي ٿي پر ٽريفڪ قانونن تي به عمل ڪرائي ٿي. جڏهن ته ٻيون شاهراهون ۽ روڊ رستا ٽريفڪ پوليس جي رحم و ڪرم تي آهن. هونئن به هن ملڪ ۾ سڪه رائج الوقت سان هر شئي خريد ڪري سگهجي ٿي، ايتري قدر جو قانون به! سنڌ ۾ روڊن رستن جي حالت به بنهه خراب آهي ۽ اها خراب حالت به حادثن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جو سبب آهي. روڊن رستن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ نه صرف سنڌ حڪومت طرفان پر اهم شاهراهن لاءِ نيشنل هاءِ ويز اٿارٽيءَ طرفان فنڊ رکيا وڃن ٿا پر اهي ڪٿي ٿا خرچ ٿين، ان جو ڪو به پتو نه آهي.

سنڌ ۾ روڊن رستن ۽ شاهراهن تي جيڪي گاڏيون هلن ٿيون، انهن جي فٽنيس تي به ڌيان نٿو ڏنو وڃي. خراب روڊ رستن تي جڏهن کٽارا گاڏيون هلنديون يا وري تيز رفتاريءَ جون حدون پار ڪري گاڏيون هلايون وينديون يا وري جيڪي ڊرائيور گاڏيون هلائين ٿا، انهن جي پنهنجي جسماني فٽنيس ۽ ذهني صحت به سوال جوڳي هوندي آهي، اڪثر ڊرائيور منشيات جا عادي هوندا آهن، جنهن ڪري پڻ گهڻا حادثا جنم وٺندا آهن. ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته، سنڌ ۾ ڊرائيونگ لائسنس جي اجراءَ جو سرشتو به درست نه آهي. هتي اڪثر ڪري سڀ ڪُجهه سڪه رائج الوقت جي ڪرامتن سان ممڪن بڻجي ويندو آهي ۽ جڏهن اهڙا ڊرائيور، جيڪي ٽريفڪ جي قانون کان ئي واقف نه هوندا آهن. اهي جڏهن گاڏيون کڻي روڊن تي ايندا ته حادثن جو جنم ڪيئن نه ٿيندو؟ روڊ ٽرانسپورٽ اٿارٽيءَ وارا ته خبر ناهي ته ڪهڙي گرهه تي هوندا آهن، جو نه اهي ٻڌبا آهن ۽ نه ئي وري انهن جو ڪو ڪم نظر ايندو آهي. ٻيو ته جڏهن ڪنهن شاهراهه تي حادثو ٿئي ٿو ته، زخمين کي ترت طبي امداد نٿي ملي ۽ گهڻو رت وهڻ ۽ ٻين سببن جي ڪري اهي حياتيءَ کان محروم ٿي وڃن ٿا. اڪثر شاهراهن تي ته طبي امداد جا مرڪز آهن، نه ايمبولينسون ميسر آهن ۽ نه ئي وري ٽراما سينٽر آهن. جنهن ڪري پڻ سنڌ ۾ حادثن ۾ مرندڙ ماڻهن جي شرح وڌيڪ آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ ۾ ٽريفڪ جي قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. ڊرائيونگ لائسنس جي اجراءَ جو سرشتو بهتر بڻايو وڃي. ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن. روڊن رستن جي حالت بهتر ڪئي وڃي، گاڏين توڙي ڊرائيورن جي فٽنيس جي چڪاس ڪئي وڃي ته جيئن حادثن کي روڪي سگهجي.