گرمي پد محسوس ڪرڻ وارن ”رسيپٽرس“ کي دريافت ڪندڙن لاءِ طب جو نوبيل انعام!

0
240
رسيپٽرس لاءِ طب جو نوبيل انعام
گرمي پد محسوس ڪرڻ وارن ”رسيپٽرس“ کي دريافت ڪندڙن لاءِ طب جو نوبيل انعام!

ڪراچي (م.ڊ)  هلندڙ سال طب جو نوبيل انعام ٻن آمريڪي سائنسدانن ڊيوڊ جوليس ۽ آرڊيم پيٽاپوٽين کي ڏنو ويو آهي.

انهن ٻنهي سائنسدانن کي گڏيل طور تي اهو انعام ڏنو ويو آهي جن اجو پتو لڳايو ته انساني چمڙيءَ وسيلي گرمي پد کي محسوس ڪيو وڃي ٿو.

ٻنهي سائنسدانن ان جو به پتو لڳايو ته انسان کي ڇهڻ جو احساس ڪيئن پيدا ٿئي ٿو. ايندڙ ڏينهن ۾ فزڪس، ڪيمسٽري، ادب، امن ۽ معاشيات بابت نوبيل انعامن جو اعلان ڪيو ويندو.