وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز جي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ سيل قائم ڪري ڇڏيو

0
238
پينڊورا ليڪس جِي اعليٰ سطحي جاچ
وزيراعظم عمران خان پينڊورا ليڪس جِي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ 3 رڪني سيل قائم ڪري ورتو

وزيراعظم عمران خان پينڊورا پيپرز جي اعليٰ سطحي جاچ لاءِ سيل قائم ڪري ڇڏيو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ترجمانن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان پينڊورا ليڪس جي جاچ جو حڪم ڏيندي اعليٰ سطحي سيل قائم ڪري ڇڏيو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته ، پينڊورا ليڪس جي جاچ  لاءِ وزيراعظم عمران خان ، وزيراعظم انسپيڪشن ڪميشن تحت اعليٰ سطح جو جاچ سيل قائم ڪيو آهي.

سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ، اعليٰ سطحي جاچ سيل پيڊورا ليڪس م شامل سمورن ماڻهن کان جواب طلب ڪندو.  پينڊورا ليڪس بابت حقيقتون قوم جي سامهون آنديون وينديون.

ذريعن موجب ايف آءِ اي، نيب ۽ ايف بي آر  ۽ اينٽي ڪرپشن پينڊوراليڪس ۾ آيل ماڻهن بابت جاچ ڪندي.

ياد رهي ته پينڊورا پيپرز ۾ 700 کان وڌيڪ پاڪستانين جون آف شور ڪمپنيون سامهون آيون آهن.