ڪچو ٻنڊي آپريشن ۾ استعمال ٿيل اي پي سي چين گاڏي ناڪارا هجڻ جو انڪشاف

0
524

گھوٽڪي (ن پ ا) ڪچو ٻنڊي آپريشن ۾ استعمال ٿيل بڪتر بند اي پي سي چين ناڪارا هجڻ جو انڪشاف، ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿيل اهلڪار بڪتر بند گاڏي ۾ ويٺل هو، گوليون بڪتر بند گاڏي پار ڪري اهلڪارن کي لڳيون، ٽائيم نيوز فوٽيجز هٿ ڪري ورتا، اي پي سي گاڏي ۾ گوليون پار ڪرڻ جا نشان واضح نظر اچي رهيا آهن، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس بار بار اِها ناڪارا بڪتر بند گاڏي استعمال ڪري اي ايس آءِ حسن ڪولاچي، اهلڪار خان محمد سميت ٻين اهلڪارن کي شهيد ڪرائي چڪي آهي، ڪچو ٻنڊي مقابلي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار اي پي سي چين گاڏي مان ٻاهر پئي نڪتا ته کين نشانو بڻايو ويو.