ڪمشنر راولپنڊيءَ جو چونڊ عمل سان ڪو تعلق ناهي: نواز ليگ

0
56
ڪمشنر راولپنڊيءَ جو چونڊ عمل سان ڪو تعلق ناهي: نواز ليگ
ڪمشنر راولپنڊيءَ جو چونڊ عمل سان ڪو تعلق ناهي: نواز ليگ

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ چيو آهي ته ڪمشنر راولپنڊيءَ جو چونڊ عمل سان ڪو تعلق ناهي، پي ٽي آءِ جي تاريخ آهي ته هنن ڪڏهن به چونڊ نتيجن کي تسليم ناهي ڪيو، هنن 9 مئي مان به ڪو سبق نه سکيو

 لاهور ۾ ملڪ احمد خان، عطا تارڙ ۽ عظميٰ بخاريءَ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪالهه کان ملڪ ۾ افراتفري واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي، پي ٽي آءِ جي تاريخ آهي، هنن ڪڏهن به چونڊ نتيجا تسليم ناهن ڪيا، هي حڪومت ۾ هجن به تڏهن به چونڊ نتيجن کي نه مڃيندا

نواز ليگ اڳواڻن چيو ته 2014ع جي ڌرڻي پويان به اليڪشن ڌانڌلي کي جواز بڻايو ويو، چيو ويو ته اليڪشن ٽربيونل جي ڪا به ضرورت ناهي، بس 4 تڪ کوليا وڃن، پوءِ 35 پنڪچرز تي به صدر عارف علوي طرفان معافي گهري وئي

هنن چيو ته ڪمشنر راولپنڊي جو نه اليڪشن پراسس سان تعلق آهي نه اليڪشن ڪميشن سان، هو نه آر او آهي نه ڊي آر او، ڄاڻي واڻي ڪالهه کان خوفناڪ مهم  شروع ڪئي وئي، هي ماڻهو انتشاري مهم کان باز نه آيا، هنن ماڻهن 9 مئي تي به پاڪ فوج  خلاف مهم هلائي

ملڪ احمد خان ۽ ٻين وڌيڪ چيو ته 9 مئي ڏهاڙي ايئر بيس تي حملا ٿيا، ايمبولينسز به ساڙيون ويون، ٻيهر صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، نگران حڪومت ڇا پئي ڏسي، کيس ڪنهن جو انتظار آهي

نواز ليگ اڳواڻن چيو ته حڪومت کان مطالبو آهي ته اهڙن ماڻهن خلاف سختي سان ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪڏهن انهن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته اهي رياست جو تمام وڏو نقصان ڪندا

هي به پڙهندا

تيرنهن هارائيندڙن کي ڌانڌلي ڪري کٽرايو، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس به ملوث آهن، ڦاهي ڏيو: ڪمشنر راولپنڊي