ڪورنگي ۾ پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي، ماڻهو ٿانو کڻي پهچي ويا

0
67
ڪورنگي ۾ پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي، ماڻهو ٿانو کڻي پهچي ويا
ڪورنگي ۾ پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي، ماڻهو ٿانو کڻي پهچي ويا

ڪراچي: ڪورنگي ۾ پئٽرول سان ڀريل ٽينڪر ڪلٽي ٿي پيو، شهرين روڊ تي هاريل پئٽرول ٿانون ۾ ڀرڻ شروع ڪري ڇڏيو

 ويٽا چورنگي تي حادثي سبب 30 هزار لٽر پئٽرول روڊ تي هارجي ويو، ماڻهو ٿانون ۾ پئٽرول جمع ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا

خطرناڪ صورتحال باوجود پوليس ۽ انتظاميا غائب رهي، اکين ڏٺن شاهدن موجب پئٽرول سان ڀريل ٽئنڪر تيز رفتاري سبب ڪلٽي ٿي پيو

جنهن جي نتيجي ۾ ويٽا چورنگي  کان سنگر چورنگي تائين روڊ تي پئٽرول هارجي ويو، جڏهن ته پوليس بعد ۾ پهچي صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو، ان کان اڳ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيٽرول  هارجڻ بعد خوفناڪ واقعا پيش اچي چڪا آهن