ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ، ڊرامي جي شوٽنگ ڪندڙن تي فائرنگ ڇو ڪئي؟؟

0
365

ڪراچي: ڪراچي جي خيابان شجاعت ۾ ڊرامي جي شوٽنگ دوران هڪ سيڪيورٽي گارڊ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس پاران جاري ڪيل بيان موجب جنهن بنگلي ۾ ڊرامي جي شوٽنگ ٿي رهي هئي، اتي مقرر سيڪيورٽي گارڊ جي ڊرامي جي پروڊيوسر سان منهن ماري ٿي پئي، جنهن بعد گارڊ گل ڀائي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سان 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ ظاهر ٿيو ته سيڪيورٽي گارڊ جو پروڊيوسر سان جهيڙو مانيءَ جي ڳالهه تان ٿيو، واقعي جي جاچ اڃان جاري آهي.