ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ معصوم ٻالڪ پراسرار نموني فوت: پيءَ مٿان تشدد جو الزام، جوابدارگرفتار پوليس موجب سرجاڻي ٽائون جي عبدالرحيم ڳوٺ ۾ جوابدار عبدالعزيز کچي پنهنجي 5 ورهين جي پٽ علي کي مبينه طور تشدد ڪري ماري ڇڏيو، ٻار جو لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي اولهه ڊاڪٽر فرخ رضا موجب نينگر جي والد بيان ڏنو ته هن تشدد ناهي ڪيو،  پٽ بيماري سبب فوت ٿيو، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد موت جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا، جاچ جاري آهي