ڏهرڪي ويجهو گهر تي مبينا حملو، عورت مارجي وئي

0
310

ڏهرڪي (ن پ ا) کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيراڻو شر ۾ لنڊ ۽ شر تڪرار تان گهر تي مبينا حملي جي نتيجي ۾ ڪمري ۾ ستل عورت زينب زال زهرو قتل ٿي وئي، مقتولڻ عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته لنڊ برادري جي ماڻهن حملو ڪري گرنيٽ فائر ڪيو جيڪو اچي ڪمري ۾ لڳو، ڪمري ۾ ستل منهنجي ڀاڄائي مارجي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آھيون .