بيجنگ (دلچسپ نيوز) ڊرائيورهلندڙ بس روڪي ماءُ پٽ کي خودڪشي کان روڪي ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين جي شهر گوانگ زو ۾ ڊرائيور هلندڙ بس کي اوچتو بريڪ هڻي روڪيو، بس رڪجڻ تي مسافر حيران ٿي ويا، جڏهن ته ڊرائيورگاڏي مان لهي پل ڏانهن هيٺ ڀڄڻ لڳو، ڊرائيور پل تان هيٺ ٽپ ڏيڻ لاءِ تيار هڪ عورت ۽ سندس معصوم پٽ کي پڪڙي هيٺ لاهي کڻي آيو بعد ۾ ٻيا مسافر به جلد گاڏي مان لهي پل هيٺ اچي ويا ۽ ماءُ ۽ پٽ کي سنڀالي ورتو. عورت ٻڌايو ته بي روزگاري ۽ ذهني پريشانين سبب پٽ سميت خودڪشي ڪرڻ آيس. ڊرائيور جي عورت کي بچائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. صارفين پاران ڊرائيور کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي.