چونڊڪو ( ن پ ا ) چونڊڪو ڀرسان سائدو مان هٿياربند پرڻيل عورت راحيلان خاصخيلي کي گهر مان هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا. سوراهه پوليس ڪارروائي ڪري چئن ڄڻن شفيع محمد جعفري، عارف، حفيظ الله ۽ نظر محمد جعفري کي گرفتار ڪري ورتو. ضمير حسين خاصخيلي جي فرياد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر عورت هٿ نه آئي.